ڊيووس – 22 جنوري (اي پي ??ي) پاڪستان ۽ آذربائيجان سمورن شعبن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي هڪ ٻي جي قومي معاملن تي گڏيل حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظ?? عمران خان سان آذربائيجان جي صدر الهام عليوف ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس 2020ع جي موقع?? تي ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ حمايت تي ٻڌل ٻه طرفي لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.