اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرونا وائرس سان اسرندڙ ملڪن جون معيشتون تباهي جو شڪار ٿي سگهن ٿيون، ترقي يافته ملڪ پاڪستان جهڙي اسرندڙ ملڪ جا ڪجهه قرض معاف ڪرڻ تي غو?? ڪن. آمريڪي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس کي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ ڪرونا جو ??سئلو شدت اختيار ڪري ٿو ته ان سان حڪومت طرفان خراب معيشت کي بهتر بنائڻ جي حڪومتي ڪوششون متاثر ٿيڻ، برآمدات ۾ گهٽتائي، بيروزگاري ۾ اضافي ۽ قرض جو بار وڌڻ جو ??دش?? آهي.