اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ??يو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت گوادر ۾ پاڻي ۽ بجلي جو ڪو به منصوبو مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، اربين روپيا ۽ قيمتي وقت ضايع ڪيو، گوادر ايئرپورٽ ۽ گوادر بندرگاهه جي ص??رتحال سٺي نه آهي، پاڪستان جي ترقي بلوچستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي سان جڙيل آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراع??م چيو ته گوادر جي دوري دوران م??ن ڏٺو ته ڪهڙي طرح پي ٽي آءِ حڪومت گوادر جي ماڻهن کي مايوس ڪيو، اربين روپيا ۽ قيمتي وقت ضايع ڪيو ويو، گوادر جي بندرگاهه جي لاءِ وڏيون قرباني??ن ڏيندڙ مقامي ماڻهن لاءِ پاڻي ۽ بجلي جي مسئلن جي حل لاءِ ڪو به منصوبو مڪمل ناهي ڪيو ويو. وزيراع??م چيو ته گوادر جي بندرگاهه ۽ گوادر هوائي اڏي جي تعمير جي ص??رتحال به ٺيڪ نه آهي، بندرگاهه تي ڪا ڊريجنگ ناهي ڪئي وئ??، جنهن جي ڪري ڪو وڏو ڪارگو جهاز لنگر انداز نٿو ٿي سگهي. وزيراع??م چيو ته گوادر يونيورسٽي ايئرپورٽ ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ ڊي سيلي نيشن پلانٽ لڳائڻ جي جلد پڄاڻي جو حڪم ڏنو ويو آهي. هن ??يو ته پاڪستان جي مجموعي ترقي بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي سان ڳنڍيل آهي، اتحادي حڪومت بلوچستان جي ص??بائي حڪومت ۽ مقامي چڱن مڙسن سان گڏجي مستقبل جي لاءِ لائحه عمل جي تعين لاءِ پرعزم آهي.