اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ت?? ڪو به ماڻهو آئيني ??دون ٽپندو آهي يا قانون جي حدن کان ٻ??هر ويندو آهي ت?? ان شخص جي حوالي سان قانون ح??ڪت ۾ ايندو آهي، آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي حڪومت خاص عدالت جي جج جي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ وڃي رهي آهي، وفاقي حڪومت ادارن کي پنهنجي آئيني ۽ قانوني ??ائري ۾ رهندي ڪم ڪرڻ جي لاءِ سهولتڪاري فراهم ڪندي رهندي، پاڪستان ڪنهن قسم جي افراتفري، قياس آرائي، مبالغه آرائي يا عالمي سطح تي ڪنهن منفي تاثر جي سٽ سهي نٿو سگهي، پاڪستان جي سرحدي صورتحال ۽ اندروني ??حران جي صورتحال هڪ ئي خاڪي جو حصو آهي. هو اي پي پي هيڊڪوارٽر ۾ مسيحي ملازمن طرفان ڪرسمس ڪيڪ ڪٽڻ جي ت??ريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.