اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اڄ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي بهادر ۽ ثابت قد?? عوام سان يڪجهتي جو ??ظه??ر ڪريون ٿا جن ظلم ۽ ڏاڍ کان آزادي ۽ پنهنجي خودمختياري جي حق ج?? لاءِ 7 ڏهاڪن کان جاري جدوجهد ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن، 5 آگسٽ جي ڀارتي غيرقانوني ڪاررواين والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ پاڪستاني عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏني آهي، پاڪستا?? هر فورم تي ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو اٿاريندو رهندو، حڪومت ۽ پاڪستاني عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ملڻ تائين ڪشميري عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندا. اهڙن خيالن جو ??ظه??ر هن ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.