اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڄ جي ڏينهن شهيدن جي مائرن کي خاص سلام ??يش ڪريون ٿا جن پنهنجي فرزندن جي عظيم قرباني ڏني آهي، پاڪستان جون مائرون دنيا ۾ ان لحاظ کان منفرد آهن ته پنهنجي فرزندن جي شهادت تي الله جو شڪر ادا ڪن ٿيون. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو ته بلوچستان ۾ بارودي سنگهه سان گاڏي ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ ش??يد ٿيندڙ ميجر نديم ع??اس ۽ ٻين جوانن، انهن جي مائرن ۽ گهرڀاتين کي اڄ قوم سلام ??يش ڪري ٿي.