اسلام آباد – 11 جون (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان ضرورتمن?? گهراڻن کي روڪ رقم جي منتقلي جي پروگرام جي سلسلي ۾ ڀارت کي مدد فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم انگريزي اخبار جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته ان رپورٽ موجب ڀارت ۾ 34 سيڪڙو گهراڻا مدد فراهم نه ڪرڻ جي صورت ۾ هڪ هفتي کان وڌيڪ زنده رهڻ جي قابل نه هوندا، هن چيو ته اسان جي حڪومت 9 هفتن جي دوران هڪ ڪروڙ خاندانن کي ڪووڊ 19 سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ 120 ارب روپين جي روڪ رقم شفاف طريقي س??ن فراهم ڪئي آهي، اسان جي ان پروگرام کي عالمي طور تي س??راهيو ويو آهي، وزيراعظم آڇ ڪئي ته هو ان طرح پروگرام جي لاءِ ڀارت کي مدد ۽ معاو??ت فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي.