اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پاڪ فضائيه جي شهيد نوجوان هواباز ر??شد م??هاس کي سندس يوم شهادت جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قوم سندس وطن جي لاءِ قرباني کي سلام پيش ڪري ٿي. سماجي ويب سا??يٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ سينيٽر شبلي فراز چيو ته نوجوان پ??ئل??ٽ آفيسر راشد م??هاس جي يوم شهادت تي قوم کيس خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، اطلاعات واري وزير چيو ته جوان عمري ۾ ئي وطن عزيز تي جان نڇاور ڪري هن پنهنجي رت سان عزم ۽ همت ۽ وفا شعاري جي روشن تاريخ لکي آهي، هن چيو ته هٿياربند فوج ملڪ جي حفاظت جي لاءِ بي مثال قربانيون پيش ڪيون.