اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي سميت صوبي جي ع??ام جي مسئلن کي نظر انداز ڪيو جنهن سان موجوده صورتحال پيدا ٿي آهي، وفاقي حڪومت سمورا س??اس?? اختلافن کي مٿانهون رکندي سنڌ جي ع??ام جي مسئلن جي حل لاءِ جامع ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، مخالف ڌر ايف اي ٽي ايف جي معاملي تي قانونسازي ۾ رخنو وجهي اين آر او چاهي ٿي، ملڪ ايف اي ٽي ايف جي بليڪ لسٽ ۾ وڃڻ جي سٽ نٿو سهي سگهي، ع??ام جي سامهون مخالف ڌر جو ڪردار بي نقاب ڪندا رهنداسين، انهن جو مقصد ملڪي مفاد نه پر ذاتي مفاد ۽ پنهنجي اڳواڻن جو تحفظ آهي، درآمدي کنڊ ۽ ڪڻڪ ملڪ ۾ پهچي چڪي آهي جنهن سان قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي پاليسين جو محور لاچار ۽ غريب طبقا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊيپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪراچي جي ع??ام جنهن ڪرب مان گذري رهي آهي ان سان وفاقي حڪومت ??اعلم نه آهي، حڪومت سميت پوري قوم کي ڪراچي جي ع??ام سان پوري همدردي آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان روزاني جي بنياد تي ڪراچي جي صورتحال تي بريفنگ وٺي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان هلندڙ هفتي ڪراچي جو دورو ڪندو، وزيراعظم سنڌ جي صوبائي حڪومت کي مڪمل تعاون جي خا??ري ڪرائي آهي.