اسلام آباد – 04 سي??ٽمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت چيو آهي ته 15 سي??ٽمبر کان تعلي??ي ادارا کولڻ جي حوالي سان تجويزن غور هيٺ آه?? تنهن هوندي به ان حوالي سان حتمي فيصلو 7 سي??ٽمبر تي بين الصوبائي تعليم وارن وزيرن جي ڪانفرنس ۾ ڪيو ويندو، ڪورونا وبا کان حالتون بهتر ٿيڻ جي صورت ۾ تعلي??ي ادارا پراڻي شيڊول تي اچي ويندا، اسڪول کولڻ کانپوءِ ٽيچر ۽ هيڊ ٽيچر جو ڪردار اهم هوندو، لرننگ بهتر ڪرڻ جي لاءِ اسان وٽ بهتر تجويزون اچي رهيون آهن، ڪووڊ – 19 جي صورتحال پهرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر آهي، اها بيماري اڃان ختم ناهي ٿي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڃان به موجود آهي، ايس او پيز تي عملدرآمد جي ضرورت آهي، ڪلاسز جي سائز کي گهٽ ڪرڻ ضروري آهي، گهٽ قوت مدافعت وارن ٻارن کي پهرين مرحلي ۾ اسڪول نه موڪليو وڃي، سماجي فاصلي، ماسڪ جو استعمال ۽ باقاعدگي سان هٿ ڌوتا وڃن، تعلي??ي ادارا کولڻ سان والدين ۽ استادن جي ذميداري وڌيڪ وڌي ويندي، اهڙن خيالن جو اظهارن تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود ۽ وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان اين سي او سي ۾ پريس ڪانفرنس کي خط??ب ڪندي ڪيو.