ا??لا?? آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ معياري تعليم جي فراهمي اهم حيثيت رکي ٿي، ان حوالي سان موقعا فراهم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هو هتي خيبرپختونخوا صوبي ۾ هائير ايجوڪيشن جي فروغ جي حوالي سان قدمن جي جا??زي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ تعلي?? وارو وزير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين طارق بنوري، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جو صلاحڪا?? خليق الرحمان، خيبرپختونخوا جو چيف سيڪريٽري ۽ خيبرپختونخوا جي مختلف يونيورسٽين جا موجوده ۽ اڳوڻن وائيس چانسلرز ۽ سينئر آفيسر اجلاس ۾ شريڪ ٿا.